واشنگٽن – پهرين ڊسمبر(اي پي پي) آمريڪا اسرائيل تي زور ڏنو آهي ته ٻيهر ويڙهه شروع ٿيڻ جي صورت ۾ ڏکڻ غزه جي شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. برطانوي خابرو اداري رائٽرزآمريڪي پرڏيه?? کاتي جي ترجمان جي بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته پرڏيهي وزير انٽوني بل??ڪن اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو سان مل??قات دوران ان ڳالهه تي زور ڏنو غزه ۾ ڪنهن به فوجي ڪاروائ?? کان اڳ انساني ضرورتن ۽ شهرين جي تحفظ کي نظر ۾ رکيو وڃي. انٽوني بل??ڪن اسرائيل تي زور ڏنو ته هو شهرين کي نقصان پهچائڻ کان بچڻ لاءِ سمورا امڪاني قدم کڻي. هن اسرائيلي وزيراعظم تي زور ڏنو ته هو اولهندي ڪناري ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ انتهاپسند آبا??ڪا??ن کي جوابده قرار ڏيڻ لاءِ فوري قدم کڻي.