اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا بجلي جون قيمتون نه وڌائڻ، هڪ جهڙو نصاب لاڳو ڪرڻ، احساس پروگرام ۾ پارليامينٽرينز جي شموليت، آڊٽ ۽ سائٽ بورڊ جي ٻن م??مب??ن ۽ ايگزم بئنڪ آف پاڪستان جي بورڊ م??مب??ن جي مقرري جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته موثر ۽ وقت سر حڪومتي قدمن جي ڪري ضرورت جي شين جون قيمتون گه?? ٿيون آهن، پاڪستان ڪرونا وائرس فري ملڪ آهي، ملڪ ۽ قوم کي ان کان محفوظ رکڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، وزيراعظم عمران خان احساس پروگرام تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. اها ڄاڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فرد??س عاشق اعواڻ بريفنگ ڏيندي ڏني.