اسلام آب??د – 04 جون (اي پي پي) وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس خميس ڏينهن اسلام آب??د ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ڪابينا ڪميٽي توانائي واري وزارت جي ڊيزل ۽ پي??رو?? جي درآمدات کي يورو V معيار موجب ڪرڻ جي سفارشن جي منظوري ڏني وئي، انهن مصنوعات ۾ سلفر جي گهٽ مقدار جي ڪري فضائي آلودگي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ياد رهي ته پاڪستان ۾ ڪيترائي ميداني علائقا سردين ۾ ڌنڌ (سموگ) جو شڪار رهندا آهن، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پي??رو??يم ڊويزن ملڪ ۾ موجود تيل صاف ڪندڙ ڪارخانن سان يورو V کي ملڪ ۾ لاڳو ڪرڻ ??اءِ گڏجي ڪم ڪندي، ڪابينا ڪميٽي فيصلو ڪيو ته پهرين آگسٽ 2020ع کان پوءِ آئل ڪمپنين کي صرف يورو V پي??رو?? درآمد ڪرڻ جي اجازت هوندي، ڪابينا ڪميٽي جي فيصلي موجب جنوري 2021ع کان صرف يورو V ڊيزل درآمد ڪرڻ جي اجازت هوندي ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارا تفصيلي پلان تي??ر ڪندا.