ڪراچي – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي جنهن ۾ سنڌ جو گورنر ع??را?? اسماعيل، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي زيدي ۽ خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر پڻ موجود هئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۾ عمر عماري، ڊاڪٽر سيد ع??را?? علي شاهه، ارسلان تاج حسين، بلال احمد، سيد فردوس شميم نقوي، حليم عادل شيخ، جمال الدين صديقي، ڪريم بخش گبول، محمد علي عزيز، مير رمضان، ش??زا?? قريشي، ملڪ ش??زا?? اعواڻ، ربستان خان، سيد احمد، شاهه نواز جدون، محمد اسلم ابڙو، شهريار خان، عديل احمد، راجا اظهر خان، ڊاڪٽر گنجي گنگواڻي، طاهره دعا ڀٽو، سدره ع??را??، ڊاڪٽر سيما ضياءَ، رابيعه اظفر شامل هئا. اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي سنڌ اچڻ تي ڀليڪار چيو ۽ تازي بجيٽ تجويزن، ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي ۽ احساس ايمرجنسي ڪي?? پروگرام جاري ڪرڻ تي کيس ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو.