اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر ب??بر اعواڻ چيو آه?? ته غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿي ويو آه??، ان ڏينهن کي استحصال جي ڏهاڙي طور ملهايو پي?? وڃي، ڪشمير جا ماڻهو غاصباڻي فوجي طاقت مان ڇوٽڪارو چاهين ٿا، عالمي برادري ڀارت تي زور ڏي ته هو ڪشمير مان نڪري وڃي. هن چيو ته سينيٽ جو اجلاس طلب ڪيو ويو آه??. اجلاس ۾ هڪ رٿ پيش ڪندس، اجلاس ۾ ڪشمير کانسواءِ ڪا سياسي ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، سينيٽ اجلاس جي ٽي نقاطي ايجنڊا آه??. هن چيو ته ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏن?? وڃي، ڀارت ڪشمير مان نڪري وڃي. ڊاڪٽر ب??بر اعواڻ چيو ته پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو ۽ اسان جي آخري منزل ڪشمير بڻجندو پاڪستان آه??، ان ڏس ۾ اسلام آباد جي ڪشمير هاءِ وي جو نالو تبديل ڪري سري نگر هاءِ وي رکيو ويو آه??.