لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوز??ار?? وزير شبلي فراز ۽ حماد اظهر پڻ موجود هئا. ملاقات دوران سياسي ۽ حڪومتي معاملن سميت ٻين ايشوز تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان کي پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور پنجاب آب پاڪ اٿارٽي، ڪورونا بحران دوران رليف قدمن ۽ پنجاب جي يونيورسٽين ۾ سڌارن سميت ٻين قدمن بابت ٻڌايو. وزيراعظم عمران خان چيو ته يونيورسٽين ۾ سڌارن جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن ۽ عوام کي پيئ?? جي صاف پاڻ?? جي فراهمي لاءِ قدمن کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته پيئ?? جي صاف پاڻ?? جي فراهمي سان عوام کي ڪيترين ئي خطرناڪ بيمارين کان بچائي سگهجي ٿو.