لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻه سال تمام مشڪل ??ان گذاريا آهن، ملڪ تباهه حال ۾ مليو جنهن کي هلائڻ ا??ان جي لاءِ وڏي معرڪي کان گهٽ نه هو، جڏهن به ڪو ملڪي مسئلو درپيش آيو ته اين آر او گهرندڙ گوڙ شروع ڪري ڇڏين ٿا، ڪورونا جي خاتمي لاءِ سڀني محنت ڪئي ۽ الله تعاليٰ ا??ان کي ان عذاب کان بچائي ورتو جڏهن ته ان??ان جو ڪم ڪوشش ڪرڻ آهي هاڻي جيڪڏهن ا??ان احتياط نه ڪيو ته اها ناشڪر?? هوندي، هر مشڪل کانپوءِ آسان?? هوندي آهي ۽ هاڻي پاڪستان تي اهو وقت اچي ويو آهي جنهن جا ا??ان واعدا ڪ??ا هئا، انهن کي ا??ان پڄاڻي تي پهچائي سگهون، لاهور باغن ۽ گ??ن جو شهر سڏرائيندو هو جنهن جي خوبصورتي ۽ حسن هن شهر کي ٻيڻو خوبصورت ڪري ڇڏيندو هو ۽ ماڻهو نلڪن مان ان وقت مٺو پاڻي پيئندا هئا، آلودگي جو ڪو تصور نه هو، ماڻهو صاف سٿري شهر ۾ صحتمند زندگي گذا??ي رهيا هئا پوءِ آهستي آهستي شهر پکڙجندو ويو، آبادي وڌندي وئي ۽ آلودگي ۽ گندگي باغن ۽ خوبصورتي جي جڳهه وٺي ڇڏي، پاڻي هيٺ هليو ويو جڏهن ته گذريل 15 سالن کان پاڻي 8 سئو فوٽ هيٺ وڃي چڪو آهي، سرسبز ??ان ڀپرور زمين ختم ٿي وئي، آبادي جي ڦهلاءُ جي ڪري پهريون ڀيرو ا??ان کي ڪڻڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو ۽ لاهور آهستي آهستي تبديل ٿي ويو. هو شاهدره جي علائقي ۾ راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪ??ي رهيو هو. ان موقعي تي وزيراعظم کي منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي جڏهن ته وزيراعظم منصوبي جو باقاعده افتتاح پڻ ڪيو. وزيراعظم عمران خان خطاب ڪندي چيو ته راوي درياءَ پنهنجي خوبصورتي ۾ پنهنجو مثال پاڻ هو جيڪو هاڻي سڪڙجي سيوريج نالو بڻجي چڪو آهي، ا??ان جي حڪومت مشڪل منصوبي راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ کي پڄاڻي تي پهچائڻ جو عزم ڪيو آهي، اهو پراجيڪٽ لاهور کي بچائڻ جو منصوبو آهي، ان ??ان زمين هيٺ پاڻي جي سطح بلند ٿيندي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ لاهور ڪراچي جهڙن خطرناڪ مسئلن کي منهن ڏيڻو نه پوندو. وزيراعظم چيو ته هن وقت ضرورت آهي ته هڪ اهڙو شهر ٺاهيو وڃي جيڪو جديد طرز جو هجي جنهن ۾ سموريون سهولتون موجود هجن ۽ اهو منصوبابندي تحت ٺاهيو وڃي، راوي سٽي اسلام آباد کانپوءِ پاڪستان جو ٻيو منصوبابندي وارو شهر آهي جنهن ۾ 13 شهر آباد ٿيندا جڏهن ته هڪ ڪلوميٽر وسيع ۽ 46 ڪلوميٽر ڊگهي ڍنڍ پڻ ان ۾ شامل هوندي، ڄاڻايل پراجيڪٽ 1 لک 10 هزار ايڪڙ تي ٻڌل هوندو جنهن کي آلودگي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ 60 لک ٻوٽا هنيا ويندا، جڏهن ته شهر جي گندي نا??ن جي پاڻي کي ٽريٽ ڪري درياءَ ۾ ڇڏيو ويندو، جنهن ??ان پاڻي جي زمين هيٺ سطح بلند ٿيندي. هن چيو ته راوي سٽي لاهور کي بچائن جو 60 هزار ارب رپين جو منصوبو آهي جنهن ۾ پرائيويٽ پارٽنرشپ پڻ شامل آهي.