اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاق?? وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي عوام جي سامهون پيش ڪرڻ اسان جي ذميداري آهي، عمران خان جي جدوجهد خاص مقصد جي لاءِ هئي، مفاد پرستي ۽ ڪرپشن جي سياست آخري ساهه کڻي رهي آهي، عوام کي رليف ڏيڻ سڀني کان اهم حڪومتي ترجيح آهي، ٺوس قدمن سان مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿيا ويا آهن، پاڪستان کي ترقي ڏيڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، وزي??اع??م عمران خان نئين نسل جي مستقبل جو امين آهي، ميڊيا تي نه ڪا پابندي آهي ۽ نه ئي بندش لڳائڻ جي ڪا خواهش، معاشي حالتن جي بهتري جا ثمر ميڊيا کي به منتقل ٿيندا، روانگي واپار ۾ اضافي سان موقعا به وڌاندا، گذريل حڪومت مصنوعي طريقي سان ڊالر جي قيمت کي ڪنٽرول ڪيو۽ ان مد ۾ 6 ارب ڊالر خ??چ ڪيا. خميس ڏينهن هتي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پارلياماني معاملن واري مملڪت?? وزير علي محمد خان، موسمياتي تبديلي واري مملڪت?? وزير زرتاج گل، واپار وار?? وزير، واپار وار?? وزير عبدالرزاق دائود، موسمياتي تبدلي واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي، وزي??اع??م جو خاص مددگار ڊاڪٽر عشرت حسين سان گڏ حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان ٽئين ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاق?? وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ميڊيا جا ٿورائتا آهيون جنهن عزم سان اسان جي ٻه سالا ڪارڪردگي کي ٻڌو ۽ وفاق?? وزيرن طرفان پيش ڪيل ڪارڪردگي کي ڪوريج فراهم ڪئي، هن چيو ته اسان جي ڪوشش رهي آهي ته سمورا ڪابينا جا ميمبر هتي پيش ٿين ۽ پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل وزارت جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪن، ڊگهي ويهڪ سبب صحافين جا سوال به ورتا ويا پر انهن ۾ ڪجهه ڇڪ رهي جنهن جي لاءِ هڪ ميڪنزم ۽ ٽائيم شيڊول جاري ڪنداسين ته جيئن لاڳاپيل وزارتن جي بيٽ رپورٽرز پنهنجي لاڳاپيل وزيرن کان جواب طلب ڪري سگهن.