اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان مذهبي معاملن واري ??فاقي وزير پير نور الحق قادري ??لاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال، قانونسازي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي، ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ فرانسيسي جريده ۾ ٻيهر گستخانه خاڪن جي ڇ??ائ?? انتهائي قابل مذمت قرار ڏنو. اسپيڪر چيو ته مسلمان امت اجتماعي سطح تي ان معاملي کي گڏيل قو??ن ۽ فرانسيسي حڪومت سامهون اٿاري، مسلمانن جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي، پارليامينٽ طرفان گستاخانه خاڪن جي ڇ??ائ?? جي معاملي کي عالمي سطح تي اٿاريو ويندو، هن چيو ته او آءِ سي کي اولهه دنيا ۾ اسلامو فوبيه جي تدارڪ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ اقليتن کي پنهنجي مذهبي عبادتن جي ادائيگي ۽ پنهنجي عقيدي موجب زندگي بسر ڪرڻ جي مڪمل آزادي آهي، قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته بين المذاهب هم آهنگي وقت جي ضرورت آهي.