اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عدالت کي گهربل جوابدار نواز شريف کي برطانيه کان واپس آڻڻ جي لاءِ قانوني ۽ سفارتي ذريعا استعمال ڪري رهيا آهيون، 15 جنوري 2021ع تائين محمد نواز شريف ڪوٽ لکپت يا ڪنهن ٻي جيل ۾ هوندو، ڪرپشن زده مخالف ڌر جي اصل جاءِ جيل آهي، سنڌ واقعو هڪ ڊرامو آهي، حقيقت ۾ ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پاڻ ۾ گيم ڪري رهيون آ??ن، ڪيپٽن صفدر گرفت??ري جي وڊيو فوٽيج سنڌ حڪومت ۽ مسلم ليگ (ن) جي ڪيترن ئي دعوائن ۽ سفيد ڪوڙ تي پاڻي ڦيري ڇڏيو، دروازو ٽوڙڻ، ڇڪتاڻ يا زبردستي ڪٿي به نظر نه آئي، انهن جي سياست ختم ٿي وئي، مسلم ليگ ن ورهائجي رهي آهي، رٽائرڊ ڪيپٽن محمد صفدر جي گرفت??ري سنڌ حڪومت ۽ پوليس جو معاملو آهي، پيپلزپارٽي جو ڪردار ڄاڻون ٿ??، 18 هين ترميم جو مقصد به واضح ٿي چڪو آهي ته اهو وفاق کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿ??، پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي سياست ڪوڙ، منافقت ۽ رياڪ??ري تي ٻڌل آهي، مريم نواز جي چهري تي اڄ پريشاني ۽ بوکلائٽ جو آثار نمايان هئا. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو، وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته ميڊيا چئنلز تي ڪراچي ۾ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جي گرفت??ري جي سي سي ٽي وي فوٽيج نشر ٿي آهي، ان فوٽيج ۾ انهن جي دعويٰ موجب ٽٽل دروازو نه ڏيکاريو ويو، فوٽي?? موجب محمد صفدر اطمينان سان پوليس جي حراست ۾ هو، مريم صفدر جي حوارين ڪيترائي ڀير چادر ۽ چارديو??ري جي تحفظ جو ذڪر ڪيو، اهي ماڻهو وس??ري ويٺا آهن ته هنن پنهنجي دور ۾ ماڊل ٽائون واقعي ۾ عورتن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو، انهن ماڻهن طرفان محترمه بينظير ڀٽو جي ڪردار ڪشي سان سڀ واقف آهن.