اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورون?? وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي هڪ هزار 708 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 21 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 20 متاثر مريض اسپتالن ۾ ۽ هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 31 هزار 989 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 273، پنجاب ۾ 11 هزار 388، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 877، اسلام آباد ۾ 5 هزار 453 ، بلوچستان ۾ 688 ، گلگت بلتستان ۾ 372، آزاد ڪشمير ۾ 938 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي م??ڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن ??و تع??اد 3 لک 20 هزار 65 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي م??ڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 855 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 197 مريض آهن. سڄي م??ڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تع??اد 21 هزار 98 آهي. سڄي م??ڪ ۾ ڪورون?? وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تع??اد 3 لک 48 هزار 184 آهي.