جده – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 90 لک ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪست??ني اسان جو اثاثو آهن، پاڪستانين کي جلد نئين پاڪستان جي خوشخبري ڏيان ٿو، مافيا کان ملڪ کي آزاد ڪرائڻ جي جنگ ۾ اسان ڪامياب ٿينداسين، قانون جي بالادستي رکندڙ معاشرو ئي ترقي ڪندو آهي، سعودي عرب سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو، پاڪستان جي خوشحالي ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جو تمام گهڻو مثبت ڪردار ڏسي رهيو آهيان، پاڪست??ني معيشت جي بهتري تي الله جا شڪرگزار آه??ون. روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته شوڪت خانم ڪينسر اسپتال ۾ هر سال 9 ارب رپين جو خسارو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي عطين سان پورو ٿئي ٿو، ان مان 40 سيڪڙو حصو سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين ??و آهي.