اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم پاڪستان جو عوامي شڪايتن جي بهتر حل جو مشن جاري آهي. پنجاب پوليس جي اعليٰ آفيسرن جي لاءِ پاڪستان سٽيزن پورٽل بابت ورڪشاپ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آفيس ۾ قائم پي ايم ڊ??ليوري يونٽ جي عملدارن پاران جاري خط ۾ آءِ جي پنجاب، ايڊيش??ل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز ۽ ڊي پي اوز کي ذاتي طور تي ٽريننگ ۾ شرڪت ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ورڪشاپ ۾ سمورن اعليٰ آفيسرن کي وڊيو لنڪ ذريعي شڪايتن جي حل تي تفصيلي ??ري??نگ ڏني ويندي. ??ري??گ وزيراعظم جي آفيس ۾ قائم پي ايم ڊ??ليوري يونٽ جي عملدارن پاران ڏني ويندي. ورڪشاپ ۾ اعليٰ آفيسرن جي سدطح تي عوامي شڪايتن جي صحيح ۽ پائيدار حل جي لاءِ پاليسي سازي تي ??ري??نگ ڏني ويندي. پنجاب پوليس کانپوءِ باقي صوبن جي اعليٰ پوليس آفيسرن کي پڻ سکيا ڏني ويندي. واضح رهي ته آءِ جي پنجاب جي آفيس پاران تفصيلي آڊٽ ٿيڻ کانپوءِ ??اڳ??پيل آفيسرن جو ورڪشاپ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سکيا هن ئي هفتي منعقد ڪئي ويندي.