اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ جامع حڪمت ع??لي جوڙي وئي آهي، حڪومت جي اولين ترجيح هيٺين طب??ي جي مالي مدد سان گڏوگڏ انهن کي روزگار ۾ پاڻڀرو بڻائڻ آهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪامياب پاڪستان پروگرام جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، خاص مددگار وقار مسعود، ??ثمان ڊار، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا، پنجاب بئنڪ جي صدر ظفر مسعود، ??ميت لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ لاڳاپيل ڌرين شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڪامياب جوان پروگرام تحت ڪامياب ڪاروبار، ڪامياب آبادگار، ڪامياب هنرمند پروگرام، گهٽ لاڳت واري رهائشي اسڪيم?? ۽ ??امياب پاڪستان هائوسنگ لاءِ هول سيل ليڊنگ کي هڪ پروگرام ڪامياب پاڪستان پروگرام ۾ شامل ڪرڻ تي بريفنگ ڏني وئي.