اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نا??يجر جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سيني عُمارو جي قيادت ۾ پارلياماني وفد ملاقات ڪئي. ان م??قع?? ??ي وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ”لُڪ افريقا“ پاليسي تحت نا??يجر سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ نا??يجر جي وچ ۾ ٻطرفن معاشي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ اضافي جي ضرورت ??هي. صدر چيو ته پاڪستان هن سال نا??يجر جي 100 شاگردن کي پاڪستان ۾ تعليم لاءِ اسڪالرشپ ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ نا??يجر جي وچ ۾ پارلياماني تعاون جي يادداشت سان ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ ڪاروبار جي فروغ لاءِ ترجيحي واپاري معاهدي جي ضرورت ??هي. نا??يجر جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سيني عُمارو چيو ته نا??يجر پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي، نا??يجر ڪاروبار، معيشت، واپار ۽ زراعت جي شعبن ۾ پاڪستان سان مضبوط ??اڳاپا چاهي ٿو، جڏهن ته زرعي پيداوار ۾ اضافي ۽ نهري نظام جي تعمير لاءِ پاڪستان جي مدد جو خواهشمند آهي. نا??يجر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاڪستان پاران 100 اسڪالرشپس ۽ مهمانوازي تي پاڪستان کي ساراهيو. ان م??قع?? تي هن صدر کي نا??يجر جي دوري جي به دعوت ڏني.