تربيلا – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ ج?? ڪوششون ڪري رهيا آهيون، 10 سالن ۾ 10 نوان ??يم ٺاهينداسين، مهمند ??يم 2025ع ۽ ڀاشا ??يم 2028ع ۾ مڪمل ٿي ويندو، جيستائين ??يم نه ٺهندا اسان پاڻي کي ذخيرو نٿا ڪري سگهون. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار تربيلا 5 توسيع منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ ج?? تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪوشش آهي ته 2030ع تائين پاڪستان ۾ ماحول دوست بجلي ٺهي، تربيلا جي توسيع منصوبي مان ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي، موجوده حڪومت 10 سالن ۾ 10 نوان ??يم ٺاهيندي، جڏهن ته تعمير هيٺ مهمند ??يم 2025ع ۽ ڀاشا ??يم 2028ع ۾ مڪمل ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ بجلي لاءِ مهانگا معاهدا ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت کي مهانگي بجلي خريد ڪرڻي پئجي رهي آهي، حڪومت پن بجلي ۽ شمسي توانائي مان بجلي ٺاهڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ موسمياتي تبديلين جو مسئلو درپيش آهي جنهن جي ڪري دنيا جي موسم تيزي سان گرم ٿي رهي آهي، جيڪب آباد هن وقت گرم ترين علائقو آهي، ٻيلن ۾ پهريون اهڙي طرح باهه نه لڳندي هئي جيئن هاڻي لڳي رهي آهي، روس، ترڪي ۽ يونان ۾ اهڙي طرح باهه لڳل آهي اهڙي انساني تاريخ ۾ ڪڏهن به ناهي لڳي، ان کان اڳ اهڙيون ٻوڏون نه آيون جيئن هاڻي اچي رهيون آهي. هن چيو ته چين دنيا ۾ تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، چين مستقبل جي اڳواٽ منصوبابندي ڪندو آهي، مستقبل جي لاءِ وقت کان پهرين منصوبابندي جي ضرورت آهي، هن چيو ته اسان اهڙي بجلي ٺاهيون جنهن سان گلوبل وارمنگ تي اثر نه پوي. وزيراعظم چيو ته تربيلا جي توسيعي منصوبي سان تربيلا ??يم جي زندگي وڌي ويندي، صرف 4 ميل پري مٽي آهي جيڪا ??يم ۾ ڀرجي ويندي آهي ان توسيعي منصوبي سان ??يم ?? ايندڙ مٽي کي فليش ڪرڻ ۾ مدد مندي، داسو ۽ ڀاشا ??يم جو وقت تي ٺهڻ به ضروري آهي ڇاڪاڻ ج?? ان سان تربيلا ??يم ۾ مٽيءَ جو ڀرجڻ گهٽجي ويندو، جنهن سان ??يم جي زندگي وڌيڪ ڊگهي ٿي ويندي. وزيراعظم ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اسان پهرين انهن شين جو ناهي سوچيو، ڀاشا ??يم ٺاهڻ ج?? فيصلو 1984ع ۾ ٿيو هو. هن سوال ڪيو ته ڇا ماضي ۾ ڪنهن ۾ اڳتي جي سوچ نه هئي، ماضي جي حڪومتن شايد پنج پنج سال پنهنجي اليڪشن جو سوچيو ڇاڪاڻ ج?? ??يم ٺهڻ ۾ وقت لڳندو آهي، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته تربيلا ??يم جو پنجون توسيع منصوبو 807 ملين ڊالر جي لاڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي جنهن جي لاءِ عالمي بئنڪ ۽ ايشين انفرااسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ منصوبي جي تعمير لاءِ مالي مدد فراهم ڪري رهي آهي، اهو منصوبو ٽن سالن جي ننڍي مدي ۾ 2024ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، منصوبو جو بنيادي مقصد مستقبل ۾ تربيلا ??يم کي مٽي ڀرجڻ ج?? خطرن کان محفوظ بڻائڻ آهي، منصوبي سان تربيلا ??يم مان زرعي مقصدن لاءِ پائيدار بنيادن تي پاڻي جي دستيابي جاري رهندي. تربيلا پنجين توسيعي منصوبي مان 1530 ميگاواٽ ماحول دوست ۽ سستي پن بجلي حاصل ٿيندي. منصوبو هر سال نيشنل گرڊ کي هڪ ارب 34 ڪروڙ يونٽ سستي بجلي مهيا ڪندو. جڏهن ته تربيلا جي پنجين توسيعي منصوبي جي تعمير سان ملازمتن جا 3 هزار موقعا پيدا ٿيندا، منصوبي جي ڪري تربيلا مان بجلي پيدا ڪرڻ ج?? صلاحيت 4888 ميگاواٽ کان وڌي 6418 ميگاواٽ ٿي ويندي، تربيلا پنجون توسيعي منصوبو پاڪستان جي پاڻي، خوراڪ ۽ توانائي جي اهم ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.