اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خصوصي اقتصادي زونز ۾ زمين جي فراهمي، بجلي ۽ گئس جي ڪنيڪشن جي دستيابي ۽ ٽيڪس مراعتون ڏيڻ جي حوالي سان ه?? ممڪن قدمن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني سيڙپڪارن جي سهولت جي حوالي سان اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪست??ن ۾ صنعتي ترقي کي تيز ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، ٻاهرئين سيڙپڪاري وڌندءُڙ آبادي جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي خصوصي اقتصادي زونز ۾ زمين جي فراهمي، بجلي ۽ گئس ڪنيڪشن جي دستيابي ۽ ٽيڪس مراعتون ڏيڻ جي حوالي سان ه?? ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن وڌ کان وڌ چيني ڪمپنيون پاڪست??ن ۾ سيڙپڪاري ڪن ۽ اقتصادي زونز کي جلد فعال ڪري سگهجي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪل 27 خصوصي اقتصادي زونز آهن جن مان 5 زونز جن ۾ سنڌ ۾ ??اٻ??جي، خيبرپختونخواهه ۾ رشڪئي، بلوچست??ن ۾ ب??ست??ن، پنجاب ۾ علامه اقبال انڊسٽريل سٽي ۽ بلوچست??ن ۾ گوادر شامل آهن، تي ڪم تيزي سان جاري آهي. وڌيڪ اهو ته ممڪن چيني سيڙپڪارن جي سمورن مسئلن کي هڪ ڇت هيٺ حل ڪرڻ جي لاءِ انهن مان هر هڪ زون ۾ هڪ موثر ون ونڊو آپريشن سهولت ۽ سي پيڪ اٿارٽي ۾ هڪ سهولت مرڪز قائم ڪيو پيو وڃي.