پشاور – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پنهنجي افغان ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، عالمي ??را??ري درست تجزيو ڪري افغانستان جي مسئلي جو حل ڪڍڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. افغانستان لاءِ امدادي سامان جي حوالگي جي حوالي سان گورنر هائوس پشاور ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪند?? اسپيڪر اسد قيصر چيو ته افغانستان سان اسان جو تمام گهڻو مضبوط رشتو آهي، هن وقت افغانستان هڪ مشڪل دور مان گذري رهيو آهي ان لاءِ عالمي ??را??ري ان مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته پارليامينٽ ۾ پاڪ افغان دوستي گروپ گهڻو موثر ڪم ڪري رهيو آهي. افغانستان جي عوام سان تمام گهڻا پراڻا لاڳاپا آهن. اسان سدائين پنهنجي افغاني ڀائرن سان گڏ بيٺل رهيا آهيون اسان جي خواهش آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام هجي. پاڪستان ۽ هتي جي عوام افغانستان جي ترقي چاهي ٿي. پاڪستان جي سرندي وارن ماڻهن کان افغان عوام جي امداد لاءِ اڳتي ??چڻ جي درخواست ڪريان ٿو. عالمي ??را??ري افغان مسئلي جو درست تجزيو ڪري عوام جي مدد ڪري. پاڪستاني عوام ۽ حڪومت پنهنجي افغان ڀائرن سان گڏ آهي.