اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) قومي اسيم??لي ۾ ضمني مالياتي بل 2021ع تي ووٽنگ دوران صورتحال انتهائي دلچسپ رهي، وزيراعظم عمران خان، شهباز شريف ۽ آصف زرداري کي ٻيهر راءِ شماري ۾ حصو وٺڻ لاءِ ايوان ۾ اچڻو پيو. جمعي ڏينهن قومي اسيم??لي ۾ ضمني مالياتي بل 2021ع جي شق وار منظوري دوران جڏهن پهريون ڀيرو مخالف ڌر پاران زباني راءِ شماري کي چئلينج ڪيو ويو ته اسپيڪر ??ڪو??تي ۽ مخالف ڌر ميمبرن کي واري واري سان بيهاري حق ۽ مخالفت ۾ راءِ ورتي، ??ڪو??ت جي عددي اڪثريت 168 جڏهن ته مخالف ڌر جي 150 ميمبرن ??ي راءِ سامهون آئي تنهن هوندي به ٻين شقن تي ترميمن دوران هڪ ڀيرو ٻيهر مخالف ڌر اسپيڪر ??ي راءِ شماري چئلينج ڪئي جنهن تي اسپيڪر رولنگ ڏني ۽ قومي اسيم??لي جي قاعدن ۽ ضابطن جي قاعدي 29 جي تحت ايوان ??ي راءِ جي حوالي سان اسپيڪر پنهنجا اختيار استعمال ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار چيو ته اسپيڪر قاعدي 29 تحت رولنگ ڏني آهي هاڻي مخالف ڌر پاران ووٽنگ کي چئلينج ڪرڻ جو ڪو به جواز نه آهي، اسپيڪر زباني راءِ شماري ڪرائڻ جو اختيار رکي ٿو، مخالف ڌر پاران سيد نويد قمر، سردار اياز صادق، رانا تنوير حسين جڏهن ته ??ڪو??ت پاران بابر اعواڻ کانسواءِ وفاقي وزيرن، اسد عمر، پرويز خٽڪ به ان حوالي سان خيالن جو اظهار ڪيو تنهن هوندي به اسپيڪر چيو ته جيتوڻيڪ هو رولنگ ڏئي چڪو آهي پر مخالف ڌر جي مطالبي تي هڪ ڀيرو ٻيهر هو ميمبرن کي واري واري سان بيهاري ووٽنگ جو موقعو ڏيندو. اسپيڪر جڏهن ٻيو ڀيرو مخالف ڌر جي ترميمن تي حق ۽ مخالفت ۾ واري واري سان بيهاري ووٽنگ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ته وزيراعظم عمران خان، مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي پنهنجي پنهنجي چيمبرز مان ٻيهر ايوان ۾ ٿيندڙ راءِ شماري ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ اچڻو پيو، ٻيو ڀيرو ٿيندڙ راءِ شماري ۾ به مخالف ڌر جا 146 ووٽن جي مقا??لي ۾ ??ڪو??ت جا 163 ووٽ نڪتا، اهڙي طرح مخالف ڌر جون ترميمون اڪثريت راءِ سان رد ڪيون ويون.