اسلام آ??اد??? 16 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر عبدا??طي?? آفريدي جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آه?? ته لالا عبدا??طي?? آفريدي جي بي رحماڻي قتل تي انتهائي ڏک آهي. هن سڄي عمر آئين جي سربلندي، جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي لاءِ جدوجهد ڪئي. پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي خراب ٿ??ندڙ صورتحال کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي خيبرپختونخواهه جي حڪومت تي زور ڏنو آه?? ته اها دهشتگردن کي قانون موجب عبرتناڪ سزا ڏياري. وزيراعظم شهباز شريف عبدا??طي?? آفريدي جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آه?? ته هو هڪ اعليٰ قانوندان ۽ بهادر سياسي اڳواڻ هو. مادر ملت محترمه فاطمه جناح جي حمايت تي ان کي يونيورسٽي مان ڪڍيو ويو هو، هو حق جي ڳالهه ڪندو هو ۽ نتيجن جي پرواهه نه ڪندو هو. وزيراعظم ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اڄ آئين، جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني جو هڪ سگهارو آواز خاموش ٿي ويو. وزيراعظم چيو ته لالا عبدا??طي?? آفريدي جي سياسي، قانوني ۽ جمهوري جدوجهد جاري رهندي. هن دعا ڪئ?? ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. ان کان اڳ وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عبدا??طي?? آفريدي جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي.