اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف سمورين ڏکيائين ??اوجود ٽيڪس فري متوازن بجيٽ پيش ڪرڻ تي اقتصادي ٽيم کي ساراهيندي چيو ته معيشت کي سڌارن جي شديد ضرورت آهي، اهو سياسي استحڪام سان ئي ممڪن آهي، ميثاق معيشت عوام جي خوشحالي ۽ ترقي جو واحد رستو آهي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو تائين ۽ پينشنرن کي 17.5 سيڪڙو اضافي جي صورت م رليف ڏنو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهب??ز شريف چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ رليف ۽ بحالي، عالمي سپلاءِ چين ۾ رڪاوٽن ۽ جيو اسٽريٽجڪ تبديلين ??بب پيدا ٿيندڙ مسلسل چئلينجن کي نظر ۾ رکندي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ٺاهڻ خاص طور تي هڪ ڏکيو ڪم هو. عمران نيازي طرفان پيدا ٿيل سياسي عدم استحڪام جي نه ختم ٿيڻ واري سلسلي معيشت کي نقصان پهچايو ۽ غيريقيني صورتحال پيدا ڪئي. جيئن ته ملڪ هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين ڏکيائين ??و شڪار رهيو، وزيراعظم چيو ته بجيٽ معيشت جي ڊگهي مدي واري بيمارين کي صحيح ڪرڻ واري عمل جي شروعات جي نمائندگي ڪري ٿي، اتحادي حڪومت انهن شعبن کي ترجيح ڏني آهي، جيڪي اقتصادي ترقي کي تيز ڪرڻ، سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ معيشت کي پاڻڀرو بڻائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته مهانگائي جي اثرن کي نظر ۾ رکندي حڪومت سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن جي پگهارن ۾ ترتيبوار 30- 35 ۽ 17.5 سيڪڙو تائين ??ضافي جي صورت ۾ رليف فراهم ڪيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ مزدورو جو اجورو وڌائي 32 هزار رپيا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هڪ وڌيڪ متوازن بجيٽ جنهن ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو وڃي، موجوده ڏکين ??التن ۾ ممڪن نه هو، آئون انهن سمورن ماڻهن جي ساراهه ڪيان ٿو جيڪي بجيٽ ٺاهڻ جو حصو رهيا ۽ انهن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته معيشت کي سڌارن جي شديد ضرورت آهي جيڪو هڪ مستحڪم سياسي ماحول ۾ ڪري سگهجي ٿو ڇو جو معاشي ترقي جو تعلق سياسي استحڪام سان آهي، اتان ئي ميثاق معيشت اسان جي سياسي پار??ين لاءِ پنهنجي عوام جي خوشحالي لاءِ اڳتي وڌڻ جو واحد رستو نظر اچي ٿو.