اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان 6 مارچ تي نائين پاڪستان – يورپ?? يونين پوليٽيڪل ڊائيلاگ ??ي ميزباني ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو جڏهن ته يورپ?? يونين پاران ڊپٽي سيڪريٽري جنرل يورپي ايڪسٽرنل ايڪشن سروس اينريڪ مورا قيادت ڪندو. ترجمان چيو ته ڌريون پاڪستان – يورپ?? يونين اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان تي عملدرآمد، دهشتگردي جي خاتمي سان گڏوگڏ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون. پاڪستان ۽ يورپ?? يونين جو آخري سياسي ڊائيلاگ 22 نومبر 2022ع تي برسلز ۾ ٿي?? هو.