اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف رفح ۾ پريشان ڪندڙ اڳڀرائي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسرائيل جي انڌاڌنڌ بمباري جي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن کي شهرين کي اهڙي وحشياڻي ??ارحيت کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ و??ير??عظم چيو ته رفح ۾ پريشان ڪندڙ اڳڀرائي تي گهري ڳڻتي آهي ۽ پاڪستان اسرائيل جي انڌاڌنڌ بمباري جي شديد مذمت ڪري ٿو جنهن سان وڏو جا??ي نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته اهو افسوسناڪ آهي ته انصاف جي عالمي عدالت جي اسرائيل جي خلاف تازي واضح فيصلي جي باوجود بار بار عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي، عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن کي شهرين کي اهڙي وحشياڻي ??ارحيت کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.