اسلام آباد – 25 – جون (اي پي پي) ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته سينيٽ جون سفا??شو?? آئيني ذميواري آهي، قابل عمل سفارشن کي سدائين بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. ق??مي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي حوالي سان سينيٽ جي سفارشن تي بحث ۾ حصو وٺندي ڊپٽي وزيراعظم چيو ته سينيٽ جون سفا??شو?? آئيني ذميواري آهي، حڪومت جي ذميواري آهي ته بجيٽ سينيٽ ۾ پيش ٿئي. سيد نويد قمر سچ چئي ??هي?? آهي ته ق??مي اسيمبلي بجيٽ منظور ڪندي آهي ۽ اهو اختيار اسيمبلي وٽ آهن جڏهن ته آئيني طور تي لازمي آهي ته سينيٽ سفا??شو?? جوڙي 14 ڏينهن ۾ پيش ڪندو. هن چيو ته سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي اهي سفا??شو?? تيار ڪندي آهي جنهن ۾ سمورين پارٽين جي نمائندگي هوندي آهي ۽ ناڻي وارو وزير ۽ ناڻي واري وزارت جا ا??ليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هوندا آهن، سينيٽ ڪميٽي جي سربراهي مانڊوي والا ڪري ??هي?? آهي جنهن جو تعلق پيپلزپارٽي سان آهي، اسان کي پارليامينٽ جي ٻنهي هائوسز جو احترام آهي. هن چيو ته سينيٽ آئين جي تابعداري ڪندي سفا??شو?? پيش ڪيون آهن، جيڪي سفا??شو?? قابل عمل آهن ان??ن کي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو آهي، مون پاڻ 2013ع ۽ 2018ع جي وچ ۾ ان طريقيڪار تي عمل ڪيو آهي ۽ انهي جذبي تحت هن ڀيري به سينيٽ جي سفارشن تي غور ڪيو ويندو، ناڻي واري وزارت جو اهو ڪم آهي ته جيڪي شيون قابل عمل آهن اهي بجيٽ ۾ شامل ڪيون وڃن. ان کان اڳ سينيٽ سفارشن تي بحث جي شروعات ڪندي پاڪستان پيپلزپارٽي جي ميمبر سيد نويد قمر چيو ته بجيٽ جي منظوري آئين تحت ق??مي اسيمبلي جو اختيار آهي، سينيٽ جون سفا??شو?? سٺي ڳالهه آهي پر اهي ق??مي اسيمبلي جي اختيارن جي قيمت تي نه هجڻ گهرجن. هن چيو ته سينيٽ سفارشن تي بحث ان ئي وقت بامعنيٰ ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان کي ايتري ڊگهي دستاويز پڙهڻ جي لاءِ هڪ ڏينهن جو موقعو ڏنو وڃي.