اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) لاءِ مالي سال 2024ع دوران ا?? جي آپريشنل ۽ ملازمن ۽ لاڳاپيل خرچن کي پورو ڪرڻ لاءِ 5.81 بلين روپي?? جي رقم مختص ڪئي وئي جنهن مان مارچ 2024ع تائي?? جي پهرين ٽن ٽه ماهي دورا?? 5.06 بلين روپيا جاري ڪيا ويا آهن. جاري ڪيل پاڪستان اڪنامڪ سروي 24-2023ع موجب پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) هڪ اهم ۽ موثر اليڪٽرانڪ ميڊيا ادارو آهي جيڪو حڪومتي پا??يسين ۽ پاڪستاني عوام جي ??منگن کي ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ اجاگر ڪري ٿو. ان جو مقصد ريڊيو خبرن ۽ اعليٰ معيار جي پروگرامن ذريعي عوام کي معلومات، تعليم ۽ تفريحي پروگرام فراهم ڪرڻ آهي. ريڊيو پاڪستان ناڪاري پرڏيهي پروپيگنڊا ۽ ناڪاري اثرن جو به مقابلو ڪري ٿو، ريڊيو جمهوريت، آزادي، برابري، رواداري، ۽ سماجي ??نصاف جي ??صولن سان گڏ اسلامي نظرئي ۽ قومي اتحاد کي هٿي ڏيڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هي قومي ۽ مقامي ٻولين، ثقافت ۽ قدرن کي هٿي ڏئي ٿو. ان سان فرقيواريت، صوبائيت ۽ دهشتگردي جي ??وصلا شڪني ۾ به مدد ملي ٿي. پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) پاڪستان جو سڀ کان وڏو سرڪاري ميڊيا نيٽ ورڪ آهي جنهن جو نشرياتي نيٽ ورڪ سڄي ملڪ ۾ 32 براڊ ڪاسٽنگ هائوسز ۾ تقريبن 80يونٽن تي ٻڌل آهي. پي بي سي وٽ ايف ايم، ميڊيم ويو، شارٽ ويو ۽ سيٽلائيٽ براڊ ڪاسٽ جهڙن مختلف نشرياتي پليٽ فارمز آهن. جاري مالي سال دوران پي بي سي مختلف مذهبي پروگرام نشر ڪيا جهڙوڪ رمضان المبارڪ ۾ خصوصي پروگرام، روح رمضان، رمضان ماهه قرآن، غزه بدر ۽ توهين رسالت جي قانونن تي خصوصي پروگرام ۽ قرآن پاڪ جي ??رمت جي ??والي سان آگاهي مهم شامل آهن. ريڊيوپاڪستان مختلف سرڪاري رليف پيڪيجز جي وسيع پئماني تي تشهير ۽ ڪوريج جي ??ن ۾ بجلي چوري خلاف مهم، ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي مهم، شاگردن لاءِ اسڪالرشپ اسڪيمن، بينطير انڪم سپورٽ پروگرام اسڪيم، قيمتن ۾ اضافي ۽ مهانگائي جي ??ثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ حڪومتي قدمن ۽ غير قانوني پرڏيهي?? جي واپسي لاءِ خصوصي مهم، ڪشمير مسئلي ۽ ڀارتي قابض فوج جي ??لمن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ريڊيوپاڪستا?? جي نيٽ ورڪ تي ڪشميري?? جي يوم حق خوداراديت جي ??والي سان هڪ مباحثي جو پروگرام ۽ ريڊيو رپورٽ نشر ڪئي وئي ۽ يوم يڪجهتي ڪشمير جي ??والي سان ٻيا خصوصي پروگرام به نشر ڪيا ويا. بين المذاهب هم آهنگي ۽ اقليت?? جي حقن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ريڊيوپاڪستان اردو ۽ علائقائي ٻولين ۾ خصوصي پروموز ۽ پروگرام تيار ڪيا. جولاءِ 2023ع کان مارچ 2024ع تائي?? جي عرصي دوران ريڊيو پاڪستا?? جي خبرن ۽ حالات حاضره جي چئنل معيشت تي ڌيان ڏيندي مختلف شعبن ۾ اهم حڪومتي قدمن جو احاطو ڪيو. قومي نشرياتي اداري جي ??ور تي ريڊيو پاڪستان 2024ع جي ??ام چونڊ?? جي جامع ڪوريج کي يقيني بڻايو، رپورٽ??گ ٽيمن کي مقرر ڪيو ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان ويجهو تعاون ڪيو. مالي سال 2024ع دوران پي بي سي جي ??پريشنل ۽ ملازمن بابت خرچن کي پروو ڪرڻ لاءِ 5.81 بلين روپي?? جي رقم مختص ڪئي وئي هئي جنهن مان مارچ 2024ع تائي?? جي پهرين ٽن ٽه ماهين دورا?? 5.06 بلين روپيا جاري ڪيا ويا آهن. پي ايس ڊي پي جي منظور ٿيل منصوبن تحت ترقياتي ڪم مختلف مرحلن ۾ آهي. پي ايس ڊي پي پراجيڪٽ سوت القرآن ايف ايم نيٽ ورڪ فيز 2 جي قيام لاءِ 212.777 ملين روپي?? جي رقم رکي وئي. ڏنل مدي ۾ منصوبي تي عملدرآمد جاري رهيو. اهڙي طرح خيرپور کان ميڊيم ويو سروسز جي ??حالي بابت پي ايس ڊي پي پراجيڪٽ لاءِ 444.096 ملين روپي?? جي رقم مختص ڪئي وئي. براڊ ڪاسٽنگ هائوس ۾ عمارت جي ??نگ روغ?? جي ڪم جو وڏو حصو مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ باقي ڪم مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو ويندو. 254.945 ملين روپي?? جي لاڳت سان پي ايس ڊي پي پروجيڪٽ اپ گريڊيشن آف اسٽوڊيوز ۽ ماسٽر ڪنٽرول رومز جي منظوري ڏني وئي. مقرر مدي دوران ڪل 17 مان 15 اسٽوڊويز ۽ ايم سي آرز جي ??پ گريڊيشن مڪمل ٿي. ڊي آر ايم 1000 ڪلوواٽ سان هلندڙ ميڊيم ويو ٽرانسميٽر لڳائڻ لاءِ پي ايس ڊي پي پراجيڪٽ تحت روات ٽرانسمٽنگ اسٽيش?? جي اپ گريڊيشن لاءِ 3850 ملين روپي?? جي رقم منظور ڪئي وئي. ڏنل مدي دوران سائيٽ تي ڪاغذي ڪارروائي ۽ ٽينڊرنگ جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي.