اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان کي ايران جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏيندي چيو آه??، ته پاڪستان ?? ايران جي ٻط??في لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ساڻس گڏ??ي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آه??ان. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان کي ايران جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏيان ٿو، آئون پاڪستان ?? ايران جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ چونڊيل صدر ڊاڪٽر پزشڪيان سان گڏ??ي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آه??ان. هن چيو ته پاڙيسري ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان ?? ايران وچ ۾ ويجها ۽ تاريخي لاڳاپا آه??، اسان کي گڏيل فائديمند لاڳاپن ??ري??ي پنهنجي ٻنهي ملڪن جي عوام جي روشن مستقبل کي يقيني بڻائڻ گهرجي.