اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي ??ني?? ۾ آبادي جو عالمي ڏينهن 11 جولاءِ خميس ڏينهن ملهايو ويندو. انسان جي شروعات کان 1800 عيسوي تائين انساني آبادي جو انگ هڪ ارب ٿيڻ ۾ هزارين سال لڳا. پر 1920ع جي ڏهاڪ?? ۾ ??بادي 2 ارب تائين پهچي وئي، يعني ان کي ٻيڻو ٿيڻ ۾ صرف 120 سال لڳا. ان کانسواءِ 50 سال بعد 1970ع جي ڏهاڪ?? ۾ ??بادي ٻيڻي يعني چار ارب ٿي وئي. ??ني?? جي آبادي 8 ارب 10 ڪروڙ تائين پهچي چڪي آهي. هن وقت ??ني?? ۾ انساني آباد?? ۾ ??وزانو اڍائي لک جو اضافو ٿي رهيو آهي جيڪو ساليانو بنياد تي جرمني جي ڪل آبادي جي برابر آهي. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد عالمي آباد?? ۾ ??ضافي ۽ ان جي اثرن طرف ڌيان ڇڪائڻ آهي، جڏهن ته آبادي جو عالمي ڏينهن پائيدار ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۽ آباد?? ۾ ??ضافي سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪري ٿو. گڏيل قومن پاران آبادي جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي منظوري 1989 ع ۾ ڏني وئي هئي جنهن کان پوءِ هر سال اهو ڏينهن 11 جولاءِ تي ??ني?? جي مختلف ملڪن ۾ ملهايو ويندو آهي، ان ڏينهن جي مناسبت سان مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويندا جن ۾ عالمي طور تي آباد?? ۾ ??ضافي سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن ۽ انهن جي حل تي روشني وڌي ويندي جڏهن ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خاص مواد شايع ۽ پروگرام نشر ڪيا ويندا.