اسلام آباد – 10 – جولائي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ دهشتگرد ڪمانڊر عبدالرحيم سميت ٻين دهشتگردن کي مارڻ تي پاڪ فوج ۽ خيبرپختونخواهه ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي جوانن کي خراج تح??ين پيش ڪيو آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم دهشتگردن سان بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وز??را??ظم آپريشن دوران شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي سپاهي محمد ادريس، سپاهي بادام گل، ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ خيبرپختونخواهه جي سب انسپيڪٽر تاج مير شاهه ۽ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر محمد اڪرم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وز??را??ظم شهيدن جي خاندانن سان تعزيت جو اظها?? ڪندي چيو ته پاڪ سرزمين جي بهادر فرزندن دهشتگردن کي ماريندي پنهنجي جان ملڪ جي مٽيءَ تي نڇاور ڪئي، پوري قوم شهيدن جي لازوال قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. وز??را??ظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.