اسلام آباد – 18 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڊائون سنڊروم ۽ آٽزم جو شڪار فلس??ين?? نوجوان محمد بحر جي اسرائيلي فوج جي وحشي ڪتي جي حملي ۾ مارجڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي پو??ٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فلس??ين?? نوجوان محمد بحر ڊائون سنڊروم ۽ آٽزم جو شڪار هو، اسرائيلي فوجين نوجوان تي ڪتي سان حملو ڪرايو ۽ ان کي مرڻ جي لاءِ ڇ??ي ڏنو، ان اذيتناڪ واقعي کي بيان ڪرڻ جي لاءِ لفظ موجود نه آهن، الله تعاليٰ رحم فرمائي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي پو??ٽ ۾ ڊان نيوز جي خبر جو حوالو ڏنو. خبر موجب ڊائون سنڊروم ۽ آٽزم جو شڪار 24 سالا فلس??ين?? نوجوان محمد بحر جي گهر تي اسرائيلي فورسز ڇاپو هنيو. ان دوران اسرائيلي فورسز جي وحشي ڪتي نوجوان تي حملو ڪيو ۽ ان کي ماري ڇڏيو.