اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر سردار اياز صادق فلسطين جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ حماس جي اڳواڻ اسماعيل ??انيه تي تهران ۾ قاتلاڻي حم??ي جي شديد مذمت ڪندي حم??ي جي نتيجي ۾ اسماعيل ??انيه جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته اسماعيل ??انيه تي حملو بربريت ۽ جارحيت جو افسوسناڪ مثال آهي ۽ اهو عالمي قانونن ۽ قدرن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. اسرائيل غزه ۾ ظلم ۽ بربريت جي بازار گرم ڪري رکي آهي. فلسطين جي آزادي جي جدوجهد ل??ءِ اسماعيل ??انيه ۽ سندس خاندان جون قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن. اهي قربانيون ضايع نه وينديون. اسپيڪر اسماعيل ??انيه جي وارثن، فلسطيني حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن اسماعيل ??انيه جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪئي.