اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آ??ي ته توانائي جي وڌندڙ قي??تن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سڀني جي لاءِ لاڀائتو حل ڳولڻو پوندو، ڪيپسٽي چارجز جي مسئلي جو قابل عمل حل تيار ڪرڻ جي لاءِ ڪاروباري برادري هڪ ڪميٽي جوڙي، ڪميٽي توانائي جي شعبي جي مسئلن جي حل لاءِ صدر جي آفيس سان گڏجي ??م ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري ڊاڪٽر گوهر اعجاز جي قيادت ۾ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد کي خطاب ڪري رهيو هو. وفد ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ واپارين ۽ 40 علائقائي ڪاروباري تنظيمن جي عهديدارن شرڪت ڪئي. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته صدر جي آفيس ڪاروباري برادري جي ??ميٽي سان هر ممڪن تعاون ڪندي، حڪومت، عوام، واپاري برادري، پيداواري ڪمپنين سميت سڀني جي لاءِ لاڀائتو حل ڳولڻ گهرجي، م??فقه حل تيار ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن ڌر کي نقصان نه ٿئي. صدر چيو ته پاڪستان جي ??اروباري ادارن کي درپيش مسئلن کان آگاهه آهيان، ادراڪ آهي ته مهانگي کاڄرو مال، توانائي ۽ ٻارڻ جي ??ري ڪاروباري شعبي کي مشڪلاتون درپيش آهن. هن چيو ته توانائي جي وڌندڙ قي??تن سان عوام، صنعتن، زراعت ۽ روانگي واپار جي شعبي تي بار پئجي رهيو آ??ي، توانائي جي قي??تن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ توانائي شعبي ۾ سڌارن جي ضرورت آهي. اعجاز گوهر جو چوڻ هو ته صدر کي درخواست آهي ته توانائي جي قي??تن جي معاملي ۾ مداخلت ڪري. صدر پاڪستان جي صنعتن ۽ ڪاروباري ادارن کي درپيش مسئلن جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر وفد کي مسئلن جي حل، لاڳاپيل ڌرين آڏو معاملو اٿارڻ ۾ تعاون جو يقين ڏياريو.