اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اداراجاتي س??ارا ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏيندي ادارن کي ضم ۽ تحليل ڪرڻ سان امڪاني طور تي متاثر ??ين??ڙ ملازمن جي مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي جڏهن ته مختلف وزارتن جي 82 سرڪاري ادارن کي ضم ۽ تحليل ڪري 40 اهڙن ادارن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي جن ۾ ڊيجيٽائيزيشن، سمارٽ مئ??يجمينٽ، ايفيشينٽ گورننس، منصوبن تي شفاف ۽ تيز عملدرآمد ۽ عام ماڻهو کي سهولتن جي بهتر فراهمي يقيني بڻائي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا گذريل ڏينهن بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۽ دهشتگردن جي معصوم شهرين تي بزدلاڻي حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي. ڪابينا انهن واقعن ۾ شهيد ??ين??ڙ سيڪيورٽي فورسز جي افيسرن ۽ اهلڪارن ۽ معصوم شهرين جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي. ڪابينا انهن واقعن ۾ ملوث دهشتگردن جي جلد کان جلد نشاندهي ڪري انهن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ناڻي واري وفاقي وزير، قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير، توانائي واري وفاقي وزير ۽ لاڳاپيل وزيرن ۽ آفيسرن جي ايندڙ ربيع جي فصل جي لاءِ يوريا ڀاڻ جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ ڪيل فيصلن کي ساراهيو. ايندڙ ربيع جي فصل جي لاءِ يوريا ڀاڻ جي ڪارخانن کي بنا رڪاوٽ گئس جي فراهمي سان يوريا جي درآمد کي روڪي قومي خزاني کي 130 ملين ڊالر جي بچت وئي وئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي وسيع مفاد ۾ سمورن وزيرن ۽ ادارن کي جتان به ممڪن ٿئي قوم جو هڪ هڪ پئسو بچائڻ جي لاءِ اهڙا بهتر فيصلا ڪرڻ گهرجن. وفاقي ڪابينا هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت جي سفارشن تي پاڪ پي ڊبليو ڊي جي تحليل، اسٽاف ۽ جاري منصوبن جي ٻين وزارتن ۽ ادارن ۾ منتقلي جي ??وا??ي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظ?? جي هدايت تي پي ڊبليو ڊي تحت جاري ترقياتي ۽ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرا?? جي منصوبن تي بنا رڪاوٽ ڪم جاري رکڻ جي لاءِ ۽ ضروري مينٽيننس اسٽاف ۽ انڪوائريز کي لاڳاپيل وزارتن ۽ صوبائي حڪومتن جي ??وا??ي ڪيو پيو وڃي. ان ??وا??ي سان وفاقي ڪابينا هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت جي سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ گورننس جي بهتري ۽ اداراجاتي س??ارن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون، ملڪ جي نظام کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ ۽ عالمي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ ادارن جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ سمارٽ مئ??يجمينٽ متعارف ڪرائي رهيا آهيون. وفاقي ڪابينا کي ناڻي واري وزير جي سربراهي ۾ قائم اداراجاتي س??ارن جي لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي جون تجويزون پيش ڪيون ويون. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ، افرادي قوت جي صحيح استعمال، پاليسي سازي ۽ فيصلا لاڳو ڪرڻ ۾ غيرضروري تعطل کي ختم ڪرڻ ۽ رڳو انتهائي ضروري ادارن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پهرين مرحلي ۾ 6 وزارتن تي ڪميٽي جي سفارشن کي لاڳو ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ انهن وزارتن جي 82 سرڪاري ادارن کي ضم ۽ تحليل ڪري 40 اهڙن ادارن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي جن ۾ ڊيجيٽائيزيشن، سمارٽ مئ??يجمينٽ، ايفيشينٽ گورننس، منصوبن تي شفاف ۽ تيز عملدرآمد ۽ عام ماڻهو کي سهولتن جي بهتر فراهمي يقيني بڻائي ويندي. وفاقي ڪابينا ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏيندي ادارن کي ضم ۽ تحليل ڪرڻ سان امڪاني طور تي متاثر ??ين??ڙ ملازمن جي مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا کي وزيراعظ?? جي حڪومتي خرچن کي گهٽ ڪرڻ جي ويزن ۽ هدايتن تحت جاري ڪفايت شعاري مهم تي اڳڀرائي ۽ قدم لاڳو ڪرڻ تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي ڪابينا گذريل حڪومت جي دور ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ڪابينا پاران منظور ٿيل ڪفايت شعاري مه?? جي قدمن کي جاري رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. انهن قدمن ۾ ڪابينا ميمبرن جي رضاڪاراڻي طور تي پگهار نه وٺڻ، انتهائي ضروري گاڏين مثال طور ايمبولينسز کانسواءِ سرڪاري گاڏين جي خريداري تي پابندي، نئين اوزارن ۽ مشينري جي خريداري تي پابندي، نئين سرڪاري جاين جي تخليق، سرڪاري خرچ تي غيرضروري ٻاهرئين ملڪ سفر ۽ ٻاهرئين ملڪ علاج تي پابندي شامل آهي. هن چيو ته ملڪ ان ڳالهه کي برداشت نه ٿو ڪري س??هي ته آفيسرشاهي ۽ اشرافيه غريب عوا?? جي ٽيڪس تي عيش ڪن. وزيراعظم چيو ته پنهنجي رت جي آخري ڦڙي تائين ان غريب عوا?? جي هڪ هڪ پئسي جي جيستائين ممڪن ٿي س??هيو حفاظت ڪندس، وزير ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن ۾ ڪفايت شعاري مه?? جي قدمن تي ڀرپور عملدرآمد جاري آهي. وزيراعظم چيو ته ڪفايت شعاري مه?? جي قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۾ وزيرن ۽ آفيسرن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 22 آگسٽ 2024ع تي ??ين??ڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.