اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان غزه جي علائقي خان يونس ۾ مخصوص محفوظ زون المواسي تي ا??را??يلي قابض فوج جي فضائي حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 40 شهري شهيد ٿي ويا آهن، ا??را??يلي قابض فوج پاران بي گهر ماڻهن جي لاءِ پاڻ ان ??ڳه?? کي محفوظ زون قرار ڏئي ان تي حملو ڪرڻ عالمي ان??ان?? قانون جي واضح خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته خان يونس ۾ قتل عام ان??ان?? زندگي جي بي توقيري ۽ فلسطيني عوام جي خلاف ا??را??يل جي نسل ڪشيءَ جي ارادن کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته هڪ مخصوص محفوظ زون ۾ پناهه وٺندڙ ماڻهن کي نشانو بڻائڻ عالمي ان??ان?? قانون جي سنگين خلاف ورزي کي ظاهر ڪري ٿو. ترجمان چيو ته شهري آبادين ۽ ان??ان?? همدرديءَ جي علائقن جي تحفظ جي ضرورت آهي. ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ا??را??يلي قابض فوج کي فلسطيني عوام جي خلاف نسل ڪشيءَ جي مهم جاري رکڻ کان روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ا??را??يل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ ان??ان??ت جي خلاف ڏوهن تي جوابده بڻائي.