اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اق??ال جي صدارت هيٺ وزار?? جي سينئر مئنيجمينٽ ڪميٽي جو اجلاس اربع ڏينهن منعقد ٿيو. اجلاس ۾ رٿابندي واري وزار?? جي اعليٰ عملدارن، پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز ۽ مختلف شعبن جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير، وزارت ۾ جاري منصوبن ۽ شعبن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو. ان موقعي تي احسن اق??ال چيو ته رٿابندي واري وزار?? جي ڪارڪردگي کي سڌارن جي نتيجي ۾ مثالي بڻايو ويندو. هن چيو ته عملدار، شعبن جا سربراهه ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز پنهنجي شعبن بابت واضح حڪمت عملي جوڙي پيش ڪن. هن چيو ته سي پيڪ سينٽر آف ايڪسيلينس کي تحقيق جو مرڪز بڻجڻو پوندو. سينٽر آف ايڪسيلينس سي پي?? جي ٻئي مرحلي جي منصوبن لاءِ مستند تحقيق ت?? ٻڌل مواد فراهم ڪري حڪوم?? جي رهنمائي ڪري. هن چيو ته جائزي اجلاس ۾ باقاعدگي آڻڻ جي ضرورت آهي، آفيسرن، شعبن ۽ جاري منصوبن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان سستي کي برداشت نه ڪيو ويندو. پنهنجي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي هدفن کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو.