نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ اسرائيلي ڏاڍ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ۽ ڏاڍ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، پ??ڪس??اني عوام جي دل فلسطيني ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي، پ??ڪس??ان فلسطيني ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪئي آهي، فلسطين جي معاملي کي ڊيگهه ڏني وئي ته دنيا جو امن تباهه ٿي سگهي ٿو، عالمي دنيا فلسطين جي آ??اد رياست جوڙڻ کي يقيني بڻائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي فلسطين جي صدر محمود عباس سان ملاقات ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ۽ ڏاڍ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. هن اسرائيلي ڏاڍ جي شديد مذمت ڪئي ۽ چيو ته پ??ڪس??اني عوام جي دل فلسطيني ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي، وقت اچي ويو آهي ته اسان سڀ متحد ٿي غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪريون ٿا، عالمي دنيا فلسطين جي آ??اد رياست جوڙڻ کي يقيني بڻائي، آ??اد فلسطين کانسواءِ خطي ۾ پائيدار امن ممڪن نه آهي. فلسطين جي معاملي کي ڊيگهه ڏنيو ئي ته دنيا جو امن تباهه ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان سدائين فلسطيني ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪئي آهي. عالمي فورمز ۽ عالمي برادري سان رابطن ۾ پ??ڪس??ان فلسطين جي مڪمل حمايت ڪئي آهي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مون پنهنجي ڀاءُ صدر محمود عباس سان ملاقات ڪئي آهي ته جيئن فلسطين جي حڪومت ۽ پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري سگهجي. هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران غزه ۾ اسرائيل جي ڏاڍ، نسل ڪشيءَ ?? ظلم جاري آهي، پ??ڪس??ان اسرائيلي ڏاڍ جي شديد مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران 41 هزار فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو آهي جن ۾ نوجوان، ٻار ۽ بزرگ به شامل آهن. وزيراعظم چيو ته ڪيترائي شهر، ڳوٺ، اسڪول ۽ اسپتالن تائين تباهه ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اسرائيلي قدم نسل ڪشيءَ ۽ ڏاڍ جا خوفناڪ مثال آهن جن جو تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان سڀني کي متحد ٿي فوري طور تي ٻه مطالبا ڪرڻ گهرجن جن ۾ پهريون مطالبو غزه ۾ فوري جنگبندي جو هجڻ گهرجي ۽ آ??اد فلسطيني رياست جو پڻ مطالبو ڪرڻو پوندو جنهن کانسواءِ هن خطي ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اها صورتحال ڪجهه وقت جي لاءِ برقرار رهي ٿي ته اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته ان سان دنيا جو امن تباهه ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطيني ڀائرن جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي جدوجهد، عزم ۽ قربانيون رائيگان نه وينديون جنهن جي نتيجي ۾ هڪ آ??اد فلسطيني رياست جو قيام عمل ۾ ايندو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي فلسطين جي صدر محمود عباس چيو ته پهرين ڏينهن کان پ??ڪس??ان فلسطين سان گڏ آهي ۽ پ??ڪس??ان قائم ٿيڻ کانپوءِ 1948ع کان وٺي اڄ تائين پ??ڪس??ان پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ پ??ڪس??ان سدائين فلسطيني عوام جي هر مڪن مدد ڪئي آهي. ان کانسواءِ پ??ڪس??ان عالمي فورمز تي پڻ سدائين فلسطين سان گڏ بيٺل رهيو آهي ۽ پ??ڪس??ان فلسطين جي موقف جي پرزور تائيد ڪري ٿو.