نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ اتي رهندڙ فلسطينين جي نسل ڪشيءَ تي اسرائيل جي احتساب جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف عراقي وز??راعظم محمد شياع السوداني سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي پليٽ فارم تي غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ فلسطيني ڀائرن جي لاءِ انساني همدرديءَ جي بنياد تي امد??د جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ عالمي سطح تي ڪوششون تيز ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ٿي. ان موقعي تي وز??راعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته انهن لاڳا??ن جو بنياد تاريخ، ثقافت ۽ مذهب تي ٻڌل آهي. وز??راعظم پاڪستاني زائرين جي لاءِ هر سال ڪندڙ انتظامن تي عراقي حڪومت جي ??وششن کي ساراهيو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان – عراق ٻطرفن لاڳا??ن جي دائري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو. گڏيل طور تي تعاون جي فروغ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود صلاحيت مان فائدو کڻڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ??ي وٺ ڪئي. هن غزه ۾ جاري اسرائيلي قتل عام، ظلم ۽ ڏاڍ ۽ لکين انساني زندگين جي تباهي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وز??راعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پاران غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ غزه جي نسل ڪشيءَ تي اسرائيل کي ذميوار قرار ڏيڻ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. عالمي مسئلن تي اتفاق ڪندي ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ فلسطيني ڀينرن ۽ ڀائرن کي انساني امد??د جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي پليٽ فارمز تي عالمي ڪوششن کي وڌيڪ موثر ۽ تيز ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو.