اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) خوبصورت آواز جي ??الڪ ناهيد اختر جي سالگره 26 سيپٽمبر تي ملهائي ويندي. جڳ مشهور ناليواري گلوڪاره ناهيد اختر 26 سيپٽمبر 1956 تي ملتان ۾ پيدا ٿي. هن 1970 ۾ پنهنجو پهريون گانو ريڊيو پاڪستان ملتان لاءِ ڳايو جنهن کان پوءِ هن ڪيترن ئي فلمن ۽ ڊرامن لاءِ اردو ۽ پنجابي ۾ گانا رڪارڊ ڪرايا. 1962 ۾ هن گلوڪاري کي ختم ڪري گهريلو زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو. ناهيد اختر کي 2007 ۾ صدارتي ايوارڊ ڏنو ويو جڏهن ته 1974 ،1975 ?? 1985 ۾ نگار فلم ايوار?? سميت ٻيا مختلف ايوارڊ پڻ ڏنا ويا. ناهيد اختر جي سالگره جي ??وقعي تي شوبز انڊسٽر?? سميت ٻين فلمي تنظيمن پاران گلوڪاره کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو.