اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان انتهائي نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ٿي، سي پيڪ تحت اهم قدمن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ۽ ان تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ و??يراعظم ??يو ته چين جي وزيراعظم سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ سي پيڪ منصوبن جي وقت سر تڪميل تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ و??پار، سيڙپڪاري، معيشت، زراعت، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ??يو ته اسان جي تزويراتي حصيداري ۽ اسان جي بنيادي مسئلن تي مفاهمت علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي جو بنياد آهي. وزيراعظم ??يو ته اسان نئين گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي تڪميل جي تقريب جي گڏيل صدارت ڪئي ۽ اهم مفاهمت جي يادداشتن ??ي دستاويزن جي مٽاسٽا واري تقريب ۾ شريڪ ٿياسين جن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون ۾ اضافو ٿيندو.