اسل??م آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مم??ڪت آصف علي زرداري خيبرپختونخوا ۾ د??شتگردن خلاف ٻن مختلف ڪامياب ڪاررواين ??ي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مم??ڪت خوارج دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو ۽ فتن الخوارج جي مڪمل خاتمي تائين ??هشتگردن خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر مم??ڪت چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پ??هنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.