اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) ايران جو پرڏيهي وزير سيد عباس عراغچي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڄ سومر ڏينهن پاڪستان پهچي رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ايران جو پرڏيهي وزير پنهنجي دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ملاقاتون ڪندو. پرڏيهي وزير عراغچي وچ اوڀ?? جي صورتحال ۽ پاڪستان ايران ٻطرفن لاڳاپن تي مش??ورت ڪندو. بيان موجب هي دورو پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار، توانائي ۽ سلامتي سميت وسيع شعبن ۾ تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائڻ جو هڪ اهم موقع?? فراهم ڪري ٿو.