اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ترڪيه جي گهرو وزير علي يرليڪايا ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، پا??- ترڪيه ناتن کي هٿي ڏيڻ تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ ترڪيه ۾ 3 پا??ستاني قيدي?? جي وطن واپسيءَ جي حوالي سان ڳالهه ڪئي وئي. گهرو وزير چيو ته ترڪيه سان تاريخي ڀائراڻا ناتا آهن، پا??ستان ۽ ترڪيه گهري مذهبي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن. هن واضح ڪيو ته پا??- ترڪيه ناتا جٽادار ڀائيواري ۾ بدلجي رهيا آهن. گهرو وزير ترڪيه جي هم منصب کي پا??ستا?? جي دؤري جي دعوت ڏني. ترڪيه جي گهرو وزير چيو ته پا??ستان ڀائر ملڪ آهي، جلد اسلام آباد جو د??رو ڪندس. ترڪيه جي گهرو وزير پا??ستاني قيدي?? جي وطن واپسيءَ لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته پا??ستان ان سلسلي ۾ ماهرن جو وفد ترڪيه اُماڻيندو. گهرو وزير 23 آڪٽوبر تي انقره ۾ دهشتگرد?? جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن جو ڪو مذهب ناهي، دهشتگرديءَ جو خاتمو هن وقت هڪ ع??لمي چئلينج آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پوري دنيا کي ان ناسور کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع قدم ۽ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي. گهرو وزير ساها انٽرنيشنل ايڪسپو تي بهترين انتظامن ۽ مهمان نوازي تي ترڪيه جي گهرو وزير جو شڪريو ادا ڪيو.