اسلام آباد-15 ن??مب?? (اي پي پي) قانون، ان??اف ۽ ان??اني حقن واري وفاقي وزر سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ لا??ِ گڏيل قومن ??ي آبادي (يو اين ايف پي اي) بابت فنڊ جي علائقائي ڊائريڪٽر پيو اسمٿ ڪالهه ملاقات ڪئي. ملاقات جو مقصد پاڪستان ۽ يو اين ايف پي اي وچ ۾ صنفي مساوات، ٻار ۽ ماءُ جي صحت، خانداني منصوبابندي ۽ نوجوانن کي هٿي ڏيڻ جهڙن اهم سماجي ترقياتي معاملن ۾ سهڪار کي وڌيڪ م??بو?? بڻائڻ هو ته جيئن پاڪستان جي آبادي جي مسئلن کي علائقائي ۽ عالمي سطح تي اثرائتي ان??از ۾ حل ڪري سگهجي. ان??اني حقن واري وزارت مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير پاڪستان جي سماجي ۽ ان??اني حقن جي عالمي معيار جي پاسداري جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته جٽادار ترقي جي هدفن تحت صنفي فرق ۽ سماجي ترقي جي مسئلن کي حل ڪرڻ لا??ِ جامع حڪمت عملين کي اختيار ڪرڻ ضروري آهي. ان مقصد تحت ان??اني حقن واري وزارت، مقامي ۽ عالمي ڀائيوارن جي سهڪار سان صنفي بنياد تي تشدد (جي بي وي) جي خاتمي لا??ِ مردن ۽ ڇوڪرن کي به مددگار بڻائي رهي آهي. يو اين ايف پي اي ۽ پاڪستان اين جي اوز جي ڀائيواري سان تيار ڪيل ”نيشنل اسٽريٽجي فار ميل انوالوومينٽ ان ايڊريسنگ جي بي وي“ معاشرتي روايتي تصورن کي چئلينج ڪرڻ ۽ تشدد جي روڪٿام ۾ مردن جي ذميداري کي هٿي ڏيڻ جو هدف رکي ٿي. وفاقي وزير ٻين گڏيل قومن ??ي ايجنسين سان جاري ڀائيواري تي به روشني وڌي جيڪا صنفي مساوات ۽ ان??اني حقن کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار آهي، جن ۾ يو اين وومن، يونيسيف ۽ يو اين ڊي پي جا گڏيل منصوبا شامل آهن. انهن ڀائيوارن جو مقصد اهڙا اثر پيدا ڪرڻ آهي جيڪي خاص طور تي انهن علائقن ۾ پيش ايندڙ چئلينجن کي مُنهن ڏئي سگهن جتي ثقافتي رڪاوٽون ۽ محدود وسيلا صنفي مساوات کي هٿي ڏيڻ ۾ رنڊڪ بڻجن ٿا. اها ملاقات پاڪستان ۽ يو اين ايف پي اي وچ ۾ هڪ گڏيل ويزن جي نمائمندگي ڪري ٿي جنهن جو مقصد هڪ وڌيڪ مساوي ۽ شموليتي معاشري جو قيام آهي.