رياض – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سڄي دنيا جي لاءِ وجودي خطري ۾ ورتل پاڻي ??ي بحران تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مضبوط سياسي عزم ۽ عالمي قيادت جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ون واٽر سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هي اجلاس منعقد ڪرڻ تي سعودي عرب، فرانس ۽ قازقستان سان گڏوگڏ عالمي بئنڪ پاران انسانيت جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم چئلينج، پاڻي ??ي تحفظ جي لاءِ وقت سر سربراهي اجلاس منعقد ڪرڻ تي سندن دل سان ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڻي ??مين جي زندگي، اقتصادي ترقي، خوراڪ جي حفاظت ۽ ماحولياتي پائيداري جو سنگ بنياد آهي، اهو زندگي کي برقرار رکڻ وارو ذريعو جڏهن ته وڌندڙ دٻاءُ ۾ اچي رهيو آهي، دنيا جي اٽڪل اڌ آبادي کي گهٽ ۾ گهٽ سال جي ڪجهه حص?? جي لاءِ پاڻي ??ي کوٽ درپيش آهي، ڪروڙين ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻي کانسواءِ رهي رهيا آهن ڇو ته پاڻي ??ي آلودگي خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڻي وسيلا تيزي سان ختم ۽ تنزلي جو شڪار ٿي رهيا آهن جنهن سان لکين ماڻهو بي گهر ٿي رهيا آهن ۽ ان سان ٿيندڙ تباهي جو مثال نه ٿو ملي، اهو خطرو ڪو پري نه آهي پر گڏيل قدمن جي لاءِ خطر?? جي گهنٽي آهي، پاڪستان انهن چئلينجز کان اڻ واقف نه آهي، اسان جا درياءَ، گليشيئرز ۽ ايڪويفرز موسمياتي تبديلين ۽ آبادي ۾ اضاف?? جي اثرن ??ي ڪري تيزي سان ڪمزور ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان اڃا به 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن ان جي پاڻي وسيلن ۽ آبپاش?? جي شعبي کي وڏي پئماني تي نقصان پهچايو، ان کانسواءِ لکين زندگين ۽ روزگار کي متاثر ڪيو، سوڪهڙو به ملڪ جي لاءِ ايترو ئي وڏو خطرو آهي، اسان جي اٽڪل 70 سيڪڙو زمين بنجر ۽ نيم بنجر علائقن تي ٻڌل آهي ۽ اسان جي آبادي جو اٽڪل 30 سيڪڙو حصو سوڪهڙي جهڙين حالتن کان سڌوسنئون متاثر آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ متوقع گرمي پد ۾ اضافو عالمي اوسط کان نمايان طور تي وڌيڪ آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان ڳالهه تي روشني وڌي ته اهڙي طرح جون تباهي آڻيندڙ آفتون ۽ چئلينجز ٺوس عالمي قدمن جي عدم موجودگي ۾ وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي ڇو ته پاڪستان انهن 10 ملڪن مان هڪ آه?? جيڪو موسمياتي تبديلين جي ڪري سڀ کان وڌيڪ خطري جو شڪار آهي. پاڻي ??ي عبوري انتظام جي حوالي سان هن چيو ته پاڻي ??ياسي حدن کان مٿانهون ٿي قومن کي ڳنڍي ٿو ۽ گڏيل ماحولياتي نظام کي فروغ ڏي ٿو، ان جي لاءِ پاڪستان س??حد پار تعاون کي تمام گهڻي ??هميت ڏي ٿو، سنڌ طاس معاهدو پاڻي ??ي ورڇ کي ڪنٽرول ڪري ٿو، اهو اهڙي طرح جي انتظام جو هڪ مثال آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان معاهدي تازن سالن ۾ بي مثال چئلينجز جو مشاهدو ڪيو جنهن ۾ ڪيترائي عمل بشمول اپ اسٽريم ڊيمن جي تعمير شامل آهي جڏهن ته علائقائي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي لاءِ اهو اهم آهي. وزيراعظم ”ريچارج پاڪستان“ جي قدم تي پڻ روشني وڌي جنهن جو مقصد ماحولياتي نظام تي ٻڌل موافقت جي ذريعي آبهوا جي ڪري پيدا ٿيندڙ ٻوڏ جي خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ سوڪهڙ?? جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ آهي. هن چيو ته اسان هڪ ”قومي سوڪهڙي پلان“ کي پڻ حتمي شڪل ڏئي رهيا آهيون جيڪو سوڪهڙي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر علائقن جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ انهن علائقن ۾ سوڪهڙ?? جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر ردعمل جو طريقيڪار تجويز ڪري ٿو. وزيراعظم پاڻي ??ابت چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ عالمي سطح تي 6 نقاطي ايجنڊا پڻ تجويز ڪئي. هن عالمي تعاون جي ضرورت جي حمايت ڪئي ته جيئن سڀن?? جي لاءِ پاڻي ۽ صفائي سٿرائ?? جي دستيابي ۽ پائيدار انتظام کي يقيني بڻائي سگهجي، جيئن ايس ڊ?? جيز – 6 ۾ فراهم ڪيو ويو آهي، ان ۾ علم ۽ مهارت جي مٽاسٽا سان گڏوگڏ پاڻي ??ي جديد ٽيڪنالاجي تي منتقلي جو ترجيحي بنيادن تي انتظام، موسمياتي لچڪدار انفراسٽرڪچر جي لاءِ مناسب فنڊز جي فراهمي ۽ ماليات جي فرق تي ضابطو آڻڻ، هڪ اهم چئلينج آبهوا جي خطري ۾ ورتل ملڪن، شفافيت جي لاءِ فريم ورڪ، ڊيٽا شيئرنگ ۽ علائقائي تعاون، تڪرارن کان بچڻ ۽ پاڻي ??ي حصيداري کي فروغ ڏيڻ، مهارتن جي ترقي ۾ سيڙپڪاري، تحقيق ۽ اداراجاتي مضبوطي، پاڻي ??ي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي ۽ عالمي سطح تي ۽ پاڻي ??ي بحران تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ هڪ مضبوط سياسي عزم ۽ عالمي قيادت شامل آهي. هن عالمي پاڻي ??نظيم قائم ڪرڻ جي لاءِ سعودي عرب جي وزيراعظم، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دورانديش قيادت ۽ قدم کي ساراهيو. هن چيو ته اسان کي ان قدم ۾ شامل ٿيڻ تي فخر آهي، ان جي باني ميمبرن مان هڪ جي طور تي ۽ ان جي اهم هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ جا منتظر آهيون. آخر ۾ وزيراعظم پنهنجي اباڻي ??هر لاهور مان گذرندڙ دريائن جي ڪنارن ??ي ٻارن ??ي راند کيڏڻ جي خوشگوار منظرن ۽ راويءَ درياءَ جي ڪناري مُهاڻن ۽ انهن جي ٻيڙين کي ياد ڪيو ۽ چيو ته اهي پياريون يادون ان ڳالهه جي هڪ پرجوش ياد ڏيارڻ جي طور تي ڪم ڪن ٿيون ته ڇا داءُ تي آهي، بطور ليڊر، پاليسي سازن ۽ مستقبل جي رکوالن جي طور تي اهو اسان جو فرض آهي ته صدين کان وڌندڙ ويجهندڙ تهذيبن جي لاءِ انهن دريائن، ڍنڍن ۽ ايڪويفرز کي ماض?? جي ڪهاڻين تائين محدود نه ڪرڻ گهرجي.