اسلام آباد- 11 جن??ري (اي پي پي) پاڪ فوج جي پهرين عورت ليفٽيننٽ جنرل (ر)نگار جوهر چيو آهي ته نياڻين جي تعليم جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ انهن جي فيصلا سازي ۽ پاليسي سازي ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻو پوندو. جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ نياڻين جي تعليم جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان کي نياڻين جي تعليم لاءِ معاشري روين کي چ??يل??ج ڪرڻو پوندو. ليفٽيننٽ جنرل (ر)نگار جوهر چيو ته تعليم ۽ معاشرتي روين جي چ??يل??جز کي منهن ڏيڻ لاءِ عورتن جي فيصلا سازي ۽ پاليسي سازي ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن چيو ته نياڻين جي تعليم لاءِ چ??يل??جز تمام گهڻا آهن پر ان سان گڏوگڏ موقعا به بي شمار آهن. هن چيو ته نياڻين جي تعليم کي قومي بجيٽ ۽ پاليسي جو لازمي حصو بڻايو وڃي. هن چيو ته هو اهڙي معاشري ۾ وڌي ويجهي آهي ??تي صنفي فرق عام هو، نياڻين جي تعليم کي اڪثر نظرانداز ڪيو ويندو هو، تعليم منهنجي زندگي ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. هن چيو ته مان اڄ هن مقام تي آهيان ??تي ملڪ جي خدمت ڪري رهي آهيان ۽ نوڪري دوران اهڙا علائقا به ڏٺا ??تي گرلز اسڪول تباهه ٿي چڪا هئا ۽ نياڻين کي زبردستي تعليم کان محروم ڪيو ويو هو. نگار جوهر چيو ته مان انهن بهادر نياڻين کي به ڏٺو جيڪي تعليم جي حق لاءِ اٿي بيٺيون ۽ جدوجهد ڪئي. هن چيو ته هڪ ڊاڪٽر جي حيثيت سان نياڻين کي صحت جا به تمام گهڻا مسئلا آهن، هڪ صحتمند معاشري ۾ پڙهيل لکيل صحتمند عورت اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.