اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ۽ پاڪستان ۾ بنگلاديش جي ??اءِ ڪمشنر اقبال حسين خان جي ??چ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ??چ ۾ ميڊيا تعاون ۽ عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين گڏيل تاريخي بيانيي ۽ ثقافتي قدرن کي اجاگر ڪرڻ جي ??اءِ بهتر حصيداري تي ڌيان ڏنو جيڪا افهام ۽ تفهيم کي سگهه ڏي ٿي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ??چ ۾ پراڻا سفارتي ۽ ثقافتي لاڳاپا موجود آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي ??ختلف شعبن ۾ تعاون جي گڏيل تاريخ آهي. هن پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۽ ريڊيو پاڪستان سميت رياستي ميڊيا ادارن جي پ??هنجي بنگلاديشي هم منصب ادارن سان گڏيل پروڊڪشن ۽ خبرن جي ??ٽاسٽا جي شعبن ۾ حصيداري تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته صحافين جي ??ٽاسٽا جو پروگرام پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ??يڊيا پرسنز کي مختلف معاملن تي هڪ ٻئي جي ??وقف ۽ بيانيي بابت بهتر طور تي ڄاڻڻ جو موقعو فراهم ڪري سگهي ٿو. بنگلاديش جي ??اءِ ڪمشنر اقبال حسين خان ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ گهڻ رخي تعاون جي حوصلا افزائي جي ??اءِ پاڪستان حڪومت جي ??دمن کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي عوام کي ڀاءُ قرار ڏيندي چيو ته گڏيل تعاون جي ??روگرامن جي ذريعي انهن جو رابطو ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻيندو. ٻنهي ڌرين بنگلاديشي ڪيبل نيٽ ورڪس تي پاڪستاني خبرن ۽ تفريحي چينلز جي دستيابي کي وڌائڻ ۽ فلم فيسٽيول ۽ فوٽوگرافي جون نمائشون منعقد ڪرڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.