اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ا??پڪس ڪميٽي ملڪ جي بهتر ٿيندڙ ميڪرو اڪنامڪ صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي پائيدار اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ ۽ معاشي بهتري جو فائدو عوام تائين پهچائڻ جي حوالي سان گڏيل ڪوششن جي ا??ميت تي زور ڏنو آهي، ڪميٽي پاڪستان جي صنعتي منظرنامي کي نئين سر بحال ڪرڻ جي لاءِ خصوصي ا??تصادي زونز جي سڌارن جي لاءِ ايڪشن پلان جي منظوري ڏني. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ا??پڪس ڪميٽي جو 11هون اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ايس آءِ ايف سي تحت کنيل مختلف قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ آرمي چيف، وفاقي ڪابينا، صوبائي وڏن وزيرن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم، گلگت بلتستان جي وڏي وزير ۽ اعليٰ سطح جي ??رڪ??ري عملدارن شرڪت ڪئي. ايپڪس ڪميٽي جي سيڪريٽري اجلاس کي قومي ا??تصادي پلان جي منصوبي ”اڏار پاڪستان“ (2024 – 2029ع) جي حوالي سان ايس آءِ ايف سي جي اسٽريٽجڪ فوڪس، قدمن ۽ حصيداري بابت آگاهه ڪيو. ڪميٽي ملڪ جي بهتر ٿيندڙ ميڪرو اڪنامڪ صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي پائيدار اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ ۽ معاشي بهتري جو فائدو عوام تائين پهچائڻ جي حوالي سان گڏيل ڪوششن جي ا??ميت تي زور ڏنو. ڪميٽي پاڪستان جي صنعتي منظرنامي کي نئين سر بحال ڪرڻ جي لاءِ خصوصي ا??تصادي زونز جي سڌارن جي لاءِ ايڪشن پلان جي منظوري ڏني. ڪميٽي نيشنل منرلز هار??ون??ئيزيشن فريم ورڪ جيڪو سمورين ڌرين جي مشاورت سان تيار ڪيو ويو آهي، جي تجويز جو پڻ جائزو ورتو. فورم کي ا??ساني وسيلن جي ترقي جي شعبي ۾ مختلف قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي جن سان افرادي قوت جي مهارتن کي عالمي معيار موجب بڻائي سگهبو. وڏن وزيرن پنهنجي پنهنجي صوبن ۾ جاري قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني جن سان معاشي ترقي کي هٿي ملندي. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير معاشي استحڪام جي لاءِ حڪومت جي قدمن جن سان امن امان ۽ سيڪيورٽي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، جي لاءِ پاڪ فوج جي حمايت جي پختي عزم جو يقين ڏياريو. آخر ۾ وزيراعظم 2025ع ??وران مس??قب?? جي سرگرمين جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۾ ايس آءِ ايف سي، وزارتن، ادارن ۽ لاڳاپيل ڌرين جي ڪردار کي ساراهيو. هن ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ سمورين سطحن تي گڏيل ڪوششن جي ا??ميت تي پڻ زور ڏنو.