اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، ق??مي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته موجوده جمهوري حڪومت 17 سالن کانپوءِ صحافين جي لاءِ اٺين ويڄ بورڊ جي جوڙجڪ مڪمل ڪري ورتي آهي، آئين ۽ قانون موجب ا??ون ويڄ بورڊ لاڳو ڪيو ويندو، صحافي پنهنجي حق کان محروم هئا، صحافين جي قلم جي طاقت جمهوريت کي پنهنجي پيرن تي بيهاري رکيو آهي. هو نيشنل پريس ڪلب ۾ اٺين ويڄ بورڊ جي نوٽيفڪيشن جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. ان موقعي تي صحافتي تنظيمن جي عهديدا??ن ۽ صحافين جو وڏو انگ موجود هو. مملڪتي وزير چيو ته جولاءِ ۾ پاڪستان ۾ جمهوريت جا 10 سا?? مڪمل ٿيڻ وڃي رهيا آهن، مون کي ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين تمام گهڻي عزت ڏني، اٺين ويڄ بورڊ جو اعلان منهنجي لاءِ هڪ اعزاز آهي.