اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مد??گار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته رمضان المبارڪ ۾ احتياطي تدبيرن سان مسجدون کليل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، حڪومت ۽ عالم سڳورن جي وچ ۾ متفقه پڌرنامي جي خلاف ورزي ٿي ته ڪارروائي ٿيندي، ايندڙ جمعته المبارڪ کي توبهه جي ڏهاڙي ۽ ??حم?? جي ڏهاري طور ملهايو ويندو، مد??سن جي ٻارن جي لاءِ به گهر ويٺي تعليم ج?? پروگرام آندو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزير پير نورالحق قادري سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.