اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ٽيليفون تي ڳاله?? ٻولهه ڪئي ۽ عيدالاضحيٰ ج?? مبارڪ موقعي تي کيس مبارڪباد ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پڻ ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان کي عي?? جي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ترڪ صدر سان ڳاله?? ٻولهه دوران ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هن سال عيدالاضحيٰ مشڪل حالتن ۾ ملهائي پئي وڃي ۽ دنيا کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪوويڊ 19 عالمي معيشت کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. هن پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کي ڪوويڊ 19 جي خلاف جنگ ۾ معاونت فراهم ڪر?? تي ترڪيءَ جي اڳواڻ جي ڪردار کي ساراهيو. ڳاله?? ٻولهه ۾ ٻنهي اڳواڻن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ ۾ ڪورونا جي ڪيسز جي انگ ۾ گهٽتائي خوش آئنده آهي. صدر عارف علوي غيرقانوني طور تي ڀارت جي عتاب هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي خراب حالت تي روشني وڌي ۽ چيو ته ڀارتي مسلمان خوف ۽ امتيازي سلوڪ جي ماحول ۾ زندگي گذاري رهيا آهن.