اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) حڪومت گهرو وزارت جي صلاحيت وڌائڻ، شفافيت ۽ قابليت کي يقيني بڻائڻ ۽ مقرر مدي ۾ ڪمن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ مختلف قدم متعارف ڪرايا آهن. اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وفاقي ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي ر??ورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي چيو ته گهرو وزارت مسئلن جي موثر ۽ فوري حل لاءِ هٿ سان ڪم ڪرڻ جي موجوده نظام کي ??ي سسٽم ۾ ت??ديل ڪرڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي آهي، 204 صحفن تي مشتمل ان رپورٽ ۾ اطلاعات ۽ نش??يات واري وزارت 18 آگسٽ 2018ع کان 18 آگسٽ 2020ع جي دوران ڪيترن ئي شعبن ۾ حڪومت جي ڪاميابين ۽ سڌارن کي ??امل ڪيو ويو آهي، وزارت عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ وزارت ۽ ان سان جڙيل کاتن ۽ علائقائي آفيسن ۾ سهولتڪاري ڊيسڪ ۽ وزارت ۾ انفارميشن ڪائونٽر قائم ڪيا آهن، وزارت موثر ۽ آسان طريقي سان خدمتن جي فراهمي جي هدفن کي ??اصل ڪرڻ جي لاءِ موجوده طريقيڪار ۾ به ترميم ڪئي آهي، طريقيڪار ۾ ت??ميم جو مقصد لاقانونيت کي ??تم ڪرڻ ۽ صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻ آهي.